سچل سرمست جا طالب

سچل سرمست جا طالب

سچل سرمست جا طالب

سچل سرمست جا طالب (ڪتاب): هي ڪتاب حضرت سچل سرمت جي طالبن: سيد خير شاهه، گهرام فقير جتوئي ۽ فقير محمد صالح جو ڪلام ۽ سندن سوانح تي مشتمل آهي. ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر نواز علي شوق آهي. سچل سرمست جي طالبن ۽ سچل جي مڪتبهء فڪر جي ڦهلاءَ متعلق هيءُ نهايت اهم ڪتاب آهي. ڪتاب جو پيش لفظ پروفيسر ڊاڪٽر بشير احمد ميمڻ، وائيس چانسلر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، اداري پاران نوٽ ڊاڪٽر سخي قبول محمد فاروقيءَ ۽ ٻه اکر ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيا آهن. ڪتاب ۾ هر هڪ طالب جي جامع سوانح ۽ ڪلام ڏنو ويو آهي. ڪتاب جي آخر ۾ قلندر لعل شهباز، شاهه خيرالدين، جيئي شاهه، مير مبارڪ خان، مير نصير خان، مير مراد اول، محمد صالح درويش، شير خان ڀنڀري ۽ پيرو شاهه جو احوال ڏنو ويو آهي. ڊيمي سائيز ۾ ڪچي جلد، رنگين ٽائيٽل سان 144 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب 1998ع ۾ سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور پاران ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو